وزيراعظم پاران ڪرس هپڪنز کي نيوزيلينڊ جو 14هون وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪُون

image

اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرس هپڪنز کي نيوزيلينڊ جو 14هون وزيراعظم ٿيڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته آئُون ڪرس هپڪنز سان گڏجي ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهيان. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوزيلينڊ جي نئين وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں