وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمت تي اطمينان جو اظهار

image
APP37-060522 ISLAMABAD: May 06 - Finance Minister Miftah Ismail and Secretary Finance calls on Prime Minister Shehbaz Sharif. APP

اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جيڪو عوام جي لاءِ هڪ وڏو ريليف آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو سيڪريٽري پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٽن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جيڪو عوام جي لاءِ هڪ وڏو ريليف آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان پاسڪو کي ڪيش ڪريڊٽ جي حوالي سان سهولتون ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں