وزيراعظم پاران راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم

image
APP41-160422 ISLAMABAD: April 16 - Prime Minister Shehbaz Sharif receiving briefing regarding progress on the construction of Rawal Chowk Flyover. APP

اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي زيان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي ۾ بنا سبب جي دير ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاڳت کي وڌائي سگهجي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آهن ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي سستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي زيان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي احساس کي يقيني بڻايو وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪندي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن دير جا سبب معلوم ڪري سگهجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي سگهجي. وزيراعظم منصوبي جي دير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو جڏهن ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪيپنگ بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪيپنگ کي به يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين لازمي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي دير جي سببن کي ختم ڪندي ان کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي دير کي برداشت ناهي ڪندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن منصوبي جي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.

مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم
متعلقہ مضامین
مزید خبریں