اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي با??ي ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر ج?? حوالي سان آگاهي واڪ ??ي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان موقعي تي عورت پارليامينٽرين سميت شاگردياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ان واڪ ??و مقصد عورتن ?? ڇاتيءَ جي ڪينسر ج?? حوالي سان شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ?? ڇاتي جي ڪينسر ج?? حوالي سان آگاهي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پو??دو.