اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سردين ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کان بچڻ جي لاءِ فيس ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ پاڪستان تي مهربان آهي ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان محفوظ رکيو آهي. هن ان ڳڻتي جو اظهار ڪ??و ته سردين ۾ ان جي ٻي لهر اچي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان قوم جي ??ر فرد کي هدايت ڪئي ته اهي فيس ماسڪ پائين ۽ عوامي جاين تي وڃ?? کان احتياط ڪن.