اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ون?? وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ون?? جي 545 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 808 ڪو??ون?? جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزار 409، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 455 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??ون?? مان صحتياب ٿي??دڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪو??ون?? جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??ون?? جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 102 ڪو??ون?? جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪو??ون?? جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.