??سل??م آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان م??اسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافي تي خوشي جو اظهار ڪندي آگاهه ڪيو آهي ته آگسٽ 2020ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين م??اسٽا ناڻي جي مدي ۾ 2095 ملين ڊالر موڪليا جيڪي گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ 24.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2020ع ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 2768 ملين ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهتو، هن چيو ته الحمد الله هلندڙ مالي سال ج?? پهرين ٻن م??ينن جي دوران اهو مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال ج?? انهي عرصي دوران جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ رهيو.