مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو ??سئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، مودي ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جو تڪبر وارو فيصلو ڪري بري طرح ڦاسي چڪو آهي، سندس اهو قدم ڪشمير جي آزادي تي ختم ٿيندو، عالمي ميڊيا ۽ اولهه سميت سڄي دنيا هاڻي ڪشمير تي ڳالهه ڪري ٿي، ڪشمير جي مسئلي کي 5 آگسٽ کانپوءِ جهڙي طرح آثاريو هو ڌرڻي ۽ ڪوويڊ 19 جي ڪري 6 مهينن کان اهو مسئلو پٺتي هليو وي??، هاڻي ان کي ٻيهر ڀرپور انداز ۾ اٿارڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، سيد علي گيلاني کي ان جي ثابت قدمي تي 14 آگسٽ تي نشان پاڪستان ڏنو وي??دو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون تمام وڏي دلچسپي سان ڳالهه ٻڌي، پاڪستان ۾ جيڪو پوٽينشل آهي دنيا ۾ شايد ئي ??ٿي هجي، ان جو ??اڻ پاڪستانين کي اندازو نه آهي، اسان کي ان جي خبر آهي اهو ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا پاڪستان جو ??ثال ڏيندي هئي، ان بابت چيو وي??دو هو ته ايشيا جو ڪيليفورنيا بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پوءِ بدقسمتي ٿي جو ??اڪستان پٺتي هليو وي??. هن چيو ته اها دنيا جي تاريخ آهي ته جيڪو به پنهنجي منزل تان هٽي وڃي اهو پٺتي هلي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ڳالهين مان مون کي مايوسي محسوس ٿي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو اندر کان هاريل آهي جڏهن ته منهنجي سوچ ان کان مختلف آهي، ڪشميرين کي الله پاڪ اهڙي دور مان گذاري رهيو آهي جو ??اڻي ڪشميري آزاد ٿيندا، 5 آگسٽ 2019ع جو ??ودي جو ??دم تمام وڏي غلطي آهي، مودي جي 5 آگسٽ جي فيصلي جي پٺيان ڪيترا ئي سبب آهن، هو پاڪستان جي ??لا?? نفرت پکيڙي رهيو هو، پلواما جي واقعي کي اڇالي پاڪستان کي سبق سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو مودي جي منشور ۾ شامل هو، چونڊن ۾ ملندڙ وڏي اڪثريت جي ڪري مودي 5 آگسٽ جو ??دم کنيو، ان جي ان قدم کي هندو ڪميونٽي ۾ پذيرائي به ملي، مودي کي اميد هئي ته ان قدم تي پاڪستان خاموش رهندو ڇو ته اسان انهن کي چيو هو ته جيڪڏهن هو هڪ قدم اڳتي وڌائيندا ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين، ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جي لاءِ ڪشمير جو ??سئلو ڳالهه ٻولهه سان حل ڪرڻ جي اسان ڳالهه ڪئي، ڪشمير ۾ ظلم اڳ ۾ ئي هو، اتي پيلٽ گنز جو استعمال ٿي رهيو هو جڏهن ته موثر آواز نه اٿارڻ جي ڪري دنيا ان کان آگاهه نه هئي، 5 آگسٽ جو ڀارتي قدم تڪبر وارو هو، هو سمجهندو هو ته ڀارت وڏي مارڪيٽ آهي ان لاءِ دنيا خاموش وي??ي رهندي، اولهه چين جي مقابلي ۾ ڀارت کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت جي اها سوچ به هئي ته 8 لک هٿياربند فوج جي ظلمن ڪشميري قيادت جي نظربندي ۽ نوجوانن کي گم ڪري ڪشمير ۾ دهشت پکڙجي وي??دي ۽ هو آساني سان اتان جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏيندو، آر ايس ايس جي ماڻهن کي هتي آباد ڪنداسين ته ڪشميري هٿ کڻي ڇڏيندا جڏهن ته ڀارت اسٽريٽجڪ غلطي ڪئي آهي.