اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊ??گ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کن?? جي درآمد جي منظوري پڻ ??ني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کانپوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ??ني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ٽن لک ٽن ريفائن کن?? جي درآمد بابت تجويز جي منظوري ??ني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کان اڳ کن?? جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کن?? جي کوٽ کان محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کانپوءِ پليٽ اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي منظوري پڻ ??ني وئي. وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020ع کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽ??گ ڪمپنين کي ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري انتظام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽ??گ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کان اڳ جي قيمت جي اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمت پي ايس او ج?? گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کان وڌيڪ نه هجي.