اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??انشمنداڻي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتري ط??ف گامزن آهي، دنيا ان جي پاليسين کي تسليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽرنيشنل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي فيصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد عوام کي ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم احتساب جي ??يانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنص??ن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي ??لاف احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي تباهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي پڪڙ کان بچي نه ٿا سگهن.