اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي تازي پاڪستان جي دوري ۾ ٻنهي ڌرين باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ، واپار، توانائي ۽ سلامتي ??ي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ سرحدي ان??ظام ?? عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير 4 کان 5 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران هن وزيراعظم ۽ نا??ب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون. ترجم??ن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 آڪٽوبر تي ??يران تي ??سرائيل جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڌرين وچ اوڀر جي صورتحال ۽ غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ فوجري جنگبندي، بنا روڪ ان??اني امداد ۽ فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.