اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران وچ اوڀر ۾ اسرائيل پاران فوجي جارحيت ۽ بيگناهه شهرين جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي مذمت ڪندي اسرائيلي حڪومت کي عالمي قانونن ۽ ??ڏي?? قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي کان روڪڻ ۾ عالمي برادري ??ي ناڪامي تي سوال اٿاريو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ملاقات کانپوءِ ??ڏي?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ اسرائيل جا غيرقانوني قدم وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي پاڙ، عالمي قانون، عالمي انساني قانون ۽ ??ڏي?? قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهن. ان کان اڳ هن وچ اوڀر ۽ موجوده عالمي حالتن ۽ اڳڀرائي سميت وچ اوڀر جي بحران، خودمختياري ??ي حق کان انڪار ۽ عالمي قانون کي برقرار رکڻ ۽ احتساب کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ??ڏي?? پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڌرين فلسطيني عوام جي خودمختياري ??ي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ فوري ??نگبندي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهين تائين پهچڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ايران تي اسرائيل جي فوجي حملن جي پاڪسدتان پاران و??ت سر ۽ شديد مذمت جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اهي حملا ايران جي خودمختياري ??ي سنگين خلاف ورزي آهن. نائب وزيراعظم 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته اسان قابض قوتن پاران خودمختياري ??ي حق کي دهشتگردي جي برابر ڪرڻ جي رجحان کي رد ڪريون ٿا، جيڪو انهن جي قبضي ۽ نسل پرستي جي پاليسين کي ڊيگهه ڏيڻ جي هڪ چال کانسواءِ ڪجهه نه آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پراڻي مسئلي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير خودمختياري ??ي حق کان انڪار تي ٻڌل آهي ۽ انهن مسئلن کي پرامن طريقي سان متاثر آبادي جي حقن ۽ امنگن جو مڪمل احترام ڪندي ??ڏي?? قومن جي قراردادن ۽ ??ڏي?? قومن جي چارٽر موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين واپار، توانائي ۽ سرحدي سلامتي سميت ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته سرحدي انتظام ۽ ??ڏي?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي تعاون کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ انهن چئلينجز جي خاتمي جي لاءِ ??ڏي?? ڪوششن کي ٺوس ڪرڻ جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير جو برڪس فورم ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ جي لاءِ ايران جي حمايت ۽ ايران ۾ مقدس جاين جي زيارت ڪندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. ٻئي اڳواڻ جده ۾ ايندڙ ??ڏي?? اسلامي سربراهي اجلاس ۾ ملاقات ڪندا، هن انهن معاملن تي ??ڏي?? موقف سان پنهنجي ڪوششن کي گڏ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جي لاءِ اهو ??ڏي?? سربراهي اجلاس گهرايو ويو آهي. ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ سنگين ڏوهن ۽ نسل ڪشيءَ جون ڪارروايون ڪيون آهن ۽ لبنان ۽ ٻين جاين تي وسيع پئماني تي جارحيت جو سلسلو جاري ??کيو آهي، اهي ڏوهه هاڻي لبنان تائين پکڙجي چڪا آهن. هن چيو ته اسرائيلي حڪومت 26 آڪٽوبر تي ايران تي حملو ڪري پنهنجي جارحيت ۽ جارحاڻي نوعيت جو وڌيڪ مظاهرو ڪيو، اسرائيلي حڪومت جي ابتڙ اسلامي جمهوريه ايران ڇڪتاڻ ۾ اضافو نه ٿو چاهي، جڏهن ته اسان ??ڏي?? قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت جائز دفاع جو پنهنجو حق محفوظ رکون ٿا ۽ اسان يقيني طور تي مناسب وقت تي اسرائيلي جارحيت جو جواب ڏينداسين. ايراني پرڏيهي وزير ايران جي خلاف صيهوني حڪومت جي جارحيت جي مذمت ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي مضبوط ۽ ساراهه جوڳي موقف کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني عملدار خاص طور تي پاڪستان جي وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ واضح موقف اختيار ڪيو آهي جنهن جي لاءِ اسان دل سان ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به گذريل هڪ سال دوران غزه جي عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ نمايان حمايت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان عالمي برادري ??سرائيلي حڪومت کي پنهنجي نسل ڪشيءَ ۽ جارحاڻي ڪاررواين کان روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي جنهن سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي. هن چيو ته ڌرين اقتصادي، واپاري، سياسي، علمي، ثقافتي ۽ سياحتي سرگرمين سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن دهشتگردي جي رجحان کي ٻنهي ملڪن ۽ پوري ??طي جي لاءِ ??ڏي?? خطرو قرار ڏيندي ان کي عالمي سطح تي پوري ??المي برادري ??ي لاءِ هڪ ??ڏي?? خطرو قرار ڏنو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون ۽ علائقائي ملڪن جي تعاون سان ??ڏي?? طور تي ان رجحان کي ٻطرفي طور تي منهن ڏيڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ايران جو سرڪاري ??ورو ڪرڻ ۽ تهران ۾ ٿيندڙ اي سي او جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.