اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 26هين آئيني ??رميم جي منظوري کي پاڪس??ان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي، اڄ پاڪس??ان جي عوام، رياست پاڪس??ان ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ??رميم عوام جي حق ۾ هوندي. اها ڳالهه هن 26هين آئيني ??رميم جي منظوري تي پاڪس??ان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سمورين اتحادي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني ??رميم سان آئيني ۽ قانوني معاملن ??ي وڌيڪ استحڪام ملندو، 26هين آئيني ??رميم تي ڊگهي مشاورت ٿي، حڪومت حتي الام??ان ڪوشش ڪئي ته آئيني ??رميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته 26هين آئيني ??رميم جي منظوري جمهوريت جي ڪاميابي آهي جنهن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئيني ??دالت جي سوچ جو بنياد رکيو هو، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ??رميم عوام جي حق ۾ هوندي. هن چيو ته آئيني ??رميم سان عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون خت?? ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ضد ناهي هوندو، آئيني ??رميم جي منظوري ميثاق جمهوريت جي ايجنڊا جي تڪميل آهي. هن چيو ته آئيني ??رميم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي کي تسليم ڪيو ويندو. هن چيو ته آئيني ??رميم سان عدليه ۾ مقررين ۽ ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي عمل ۾شفافيت ايندي ۽ پارليامينٽ بالادست اداري جي طور تي پنهنجو ڪم ڪري سگهندو.