اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي ميڊيا شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهي اجلاس کي ڀرپور ڪوريج فراهم ڪئي، مختلف عالمي خابرو ادارن ان ايونٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو?? جنهن ۾ ميمبر ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. عالمي ميڊيا اجلاس دوران واپاري لاڳاپن، اقتصادي ترقي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جا تفصيل پيش ڪيا?? جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿي ته ميمبر ملڪن کي گڏيل چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعاون جي ضرورت آهي. خابرو ادارن شرڪت ڪندڙن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي اهم قرار ڏين??ي چيو ته ان اجلاس عالمي سطح تي استحڪام ۽ ترقي جي راهه ۾ اڳڀرائي جو موقعو فراهم ڪيو. مجموعي طور تي عالمي ميڊيا جي ڪوريج ان ??الهه تي زور ڏنو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجل??س نه رڳو علائقائي لاڳاپن کي فر??غ ڏنو پر عالمي تعاون جي اهميت کي پڻ نمايان ??يو آهي.