اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيت??ن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 ??اڪ??تاني خاص اُڏام ذريعي ??اڪ??تان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ?? پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل ??اڪ??تانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيا جن سب?? اسان جي وطن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيت??ن ئي سالن کان قيد 56 ??اڪ??تاني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدين جي اکين ?? خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ ??اڪ??تان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان کي دُعائون ڏنيون. وطن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان ??اڪ??تان واپس آياسين. وطن آيل هڪ ??اڪ??تاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن واپسيءَ تي ??اڪ??تانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير ??اڪ??تاني قيدين کي وطن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان ??اڪ??تاني قيدين جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ادا ڪيو.