??سل??م آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏين??ن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻ??ن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ ??هي. گڏيل قومن جي انگن ??کر?? مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻ??ن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻ??ن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، ان??ن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.