اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست ٽرانسپ??رٽ نظام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چ??و آهي ته پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندو، جنهن سان امن ۽ خوشحالي جي دور جي شروعات ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بيجنگ ۾ ٿيندڙ عالمي پائيدار ٽرانسپ??رٽ فورم 2024ع کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ گ??يل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن جي فروغ ۾ چين جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چ??و ته پاڪستان پائيدار ترقي کي فروغ ڏي ۽ عالمي ۽ علائقائي اقتصادي خوشحالي ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين جي قومي ترقي جي منصوبن کي به ساراهيو. صدر حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي فورم کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان عورتن جي لاءِ خصوصي پنڪ بسون متعارف ڪرا??ون آهن ته جيئن پبلڪ ٽرانسپ??رٽ جو محفوظ، آرامده ۽ پهچ جوڳو طريقو فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عوام جون ضرورتون پور??ون ڪرڻ جي لاءِ موثر، ماحول دوست ٽرانسپ??رٽ جي لاءِ پائيدار انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳوٺاڻي علائقن جي روڊن تائين پهچ 92 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا نمايان بهتري آهي. ڳوٺاڻي علائقن جي پهچ ۾ اضافو پائيدار ترقي جي فروغ ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي بنيادي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو. صدر چيو ته پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي پائيدار سارسنڀال ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. گذريل 5 سالن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، شديد برساتن سميت موسمي حالتن پاڪستان ??ي ٽرانسپ??رٽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو آهي. صدر آصف علي زرداري چ??و ته پاڪستان ميمبر ملڪن ??ي ٽرانسپ??رٽ انتظاميا جي وچ ۾ پائيدار ٽرانسپ??رٽ تعاون جو حمايتي آهي.