اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان تفصيلي ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه دوران اسان پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ واپار، آءِ ٽي، توانائي، زراعت، حلال گوشت جي برآمدات، سياحت، تعليم ۽ دفاع سميت ڪيترن ئي معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسان جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مف??د ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان تفصيلي ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، اسان پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ واپار، آءِ ٽي، توانائي، زراعت، حلال گوشت جي برآمدات، سياحت، تعليم ۽ دفاع سميت ڪيترن ئي معاملن ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تاريخي مف??همت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گڏيل مف??د ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه دوران ڪيل فيصلن تي مضبوطي سان عملدرآمد کي يقيني بڻ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو وزيراعظم ابراهيم جا ٿورا مڃي ٿو ته هن مون کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن جو آئون خوشي سان منتظر آهيان.