راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??وج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻا??ڻ لاءِ پاڪ ??وج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا جو دؤرو ڪيو، جتي کيس سيڪ??ور??يءَ جي موجوده صورتحال، دهشتگرديءَ جي خاتمي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آرمي چيف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ ??وج جي اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آرمي چيف سيڪ??ور??ي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ ??وج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي ان??ن جي سگهه وڌا??ڻ لاءِ مستقل مدد ۽ فني مدد فراهم ڪندي رهندي. آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان ان??يگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ساراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ پاڪ ??وج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ ??وج جي ان??ن جي پُختي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آرمي چيف شهداء جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آرمي چيف جي شاندار آجيان ڪئي.