اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي عيد ميلادالنبي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو حل نبي اڪرم ﷺ ج?? تعليم ۾ ل??ل آهي، اسان کي پنهنجي اختلافن کي پٺتي وجهي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ ??تحد ٿي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف 12 ربيع الاول جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي نست سان عيد ميلادالنبي تمام گهڻي مبارڪ هجي، 12 ربيع الاول جو ڏينهن اهو مبارڪ ڏينهن آهي جڏهن الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن تائين بني نوه ان??ان جي رهنمائي جي لاءِ ??وري ان??انيت کي هڪ ڪامل هدايت جو نور عطا ڪيو. هن چيو ته حضرت محمد ﷺجي مبارڪ زندگي، سندن سيرت طيبه ۽ ڪردار اسان جي لاءِ ??ڪ اهڙي مشعل راهه آهي جنهن جي روشني رهندي دنيا تائين هر ان??ان جي زندگي جي لاءِ ??دايت جو ذريعو رهندي، سندن هر عمل ۽ فرمان ان ڳالهه جو مظهر آهي ته ان??انيت کي ڪهڙي طرح محبت، ڀائيچاري ۽ ان??اف جي اصولن تي قائم رهي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي مشڪل ۽ ڏکئي دور ۾ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت کي نه رڳو پڙهڻ پر ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مسلمان امت ۽ پاڪستان اڄ جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن جو حل نبي اڪرم ﷺ ج?? تعليم ۾ ل??ل آهي. انهن اسان کي اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي تلقين ڪئي ۽ اهي ئي اهي اصول آهن جيڪي اسان کي معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا، اچو اسان ان موقعي تي اهو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي اختلافن کي پٺتي رکي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ ??تحد ٿي ڪم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته نبي اڪرم ﷺ سدائين ڪمزورن، يتيمن ۽ ضرورتمندن جي مدد جو درس ڏنو، اڄ جي ڏينهن اسان کي انهن ماڻهن طرف خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي غربت، بک ۽ مشڪلاتن ۾ ور??ل آهن، اسان جي ذميواري آهي ته اسان نبي پاڪ ﷺجي ان عمل کي اختيار ڪريون جنهن ۾ اهي هر حال ۾ ٻين جي مدد ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا هئا. هن چيو ته ان موقعي تي اسان کي پنهنجي مظلوم فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيا آهن، غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڪشمير ۾ جاري ان??اني حقن جي پائمالي دل ڏکوئيندڙ واقعا آهن، نبي اڪرم ﷺ سدائين ان??اف، آزادي ۽ ان??اني حقن جي تحفظ ج?? تعليم ڏني ۽ اڄ جي ڏينهن اسان کي انهن مظلومن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حق ۾ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ اهل فلسطين ۽ اهل ڪشمير کي آزادي ۽ ان??اف عطا فرمائي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪري، اسان جو فرض آهي ته اسان انهن مظلومن جي حق ۾ هر فورم تي آواز اٿاريون ۽ عالمي برادري کي انهن جي حمايت تي راضي ڪريون. هن چيو ته اچو ته اسان هن مبارڪ موقعي تي وچن ڪريون ته نبي اڪرم ﷺ ج?? تعليم کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائينداسين ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي معاشري کي هڪ بهتر، برابر ۽ پرامن جڳهه بڻائينداسين، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.