اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فل??طين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فل??طين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فل??طين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احمد جواد عبدالعزيز رابعي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم فل??طيني عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فل??طينين جي خلاف اسرائ??ل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فل??طيني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي ذريعي فل??طين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ ??لم??دس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فل??طين جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. احمد جواد عبدالعزيز رابعي پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن فل??طين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ع??لم?? ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. احمد جواد عبدالعزيز رابعي فل??طيني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.