اسلام آباد -28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي، ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي بنا فيس جي 24 ڪلاڪن اندر آن ل??ئين نظام تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون، ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين ل??ءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مق??م بڻجي ويندو. ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏي??ي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم م??دم شهباز شريف پرڏيهي سيڙپڪارن، ڪاروباري برادري ۽ سياحن ل??ءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بڻائڻ جي حوالي سان چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ سياحت کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان اهم قدم کنيا آهن، گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ ٻين ل??ڳاپيل وزارتن وڏو قدم کڻندي، ويزا رجيم ۾ نرمي ڪئي آهي. جيڪا هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي آهي، گلف ڪنٽريز ڪائونسل جي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ل????ِ پاڪستان ۾ ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي، جنهن عيوض نار جي ملڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم چيو ته 126 ملڪن جي واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي 24 ڪلاڪن اندر آن ل??ئين ويزا تحت ويزائون جاري ڪيون وينديون. انهن126 ملڪن جي واپارين، سياحن کي ويزا فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان پرڏيهين ل??ءِ ڪاروبار ۽ سياحت جي حوالي سان هڪ پرڪشش مق??م بڻجي ويندو، وزيراعظم چيو ته مذهبي سياحت ۾ بهتري جي حوالي سان ٽئين مڪ جو پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين ل??ءِ ويزا آن ارائيول جي سهولت لاءِ ڌار کان سب ڪيٽيگري جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي هوائي اڏن تي اليڪٽرانڪ گيٽس جو اي نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ويزا پاليسي ۾ نرمي سان معيشت مستحڪم ٿيندي، پرڏي??ي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿيندي، پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مذهبن جا مقدس هنڌ آهن ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جا ٻيا اتريان علائقا سياحن ل??ءِ جنت آهن. وزيراعظم چيو ته نئين ويزا رجيم تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ به قائم ڪيو ويندو، ان حوالي سان ذڪر ڪيل ملڪن کي ويزا فري اينٽري، بزنس ويزا لسٽ ۽ ٽوئرسٽ ويزا آن ارائيول جي نگراني ڪندو ۽ جائزه رپورٽ فراهم ڪندو، نئين ويزا رجيم تي گهرو وزارت ۽ ٻين ل??ڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.