اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم ان??ر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز ??ي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال ميڊيم ان??ر پرائيزز معيشت ۾ ڪرنگه?? جي هڏ?? جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ايز ??ي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ ه??جه??و ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضاف?? لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ج?? لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درج?? جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز ???? لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي ان??ر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال ميڊيم ان??ر پرائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.