اسلام آباد -12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سر??اري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال 25-2024ع دوران وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي 20251 ملين ر??يا مختص ڪيا آهن جن مان 13 جاري منصوبن لاءِ 5936 ملين ر??يا جڏهن ته 8 نون منصوبن لاءِ 14315 ملين ر??يا مختص ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي مطابق جاري منصوبن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي والاريل ڪشمير جي شاگردن لاءِ 1600 اسڪالرشپس لاءِ 250 ملين رپيا، اين سي اي لاهور ۾ گريجوئيٽ بلاڪ جي تعمير لاءِ 320 ملين رپيا، فيڊرل گورنمينٽ ڪاليج هوم اڪنامڪس جي قيام لاءِ 485 م??ين رپيا، اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار بوائز مارگلا ٽائون جي قيام لاءِ 90 ملين رپيا، اسلام آباد ۾ عورتن لاءِ ماڊل ڪاليج جي 13 ون جي قيام لاءِ 100 ملين رپيا، پراجيڪٽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ يونٽ جي قيام لاءِ 58 ملين رپيا، ايف ڊي اي اسڪولن جي استادن جي ڀرتين جي پائليٽ پراجيڪٽ لاءِ 10 ملين رپيا، پاڪستان ۾ ٽيوٽ سيڪٽر جي ترقي واري پروگرام اسڪلز فار آل لاءِ 417.120 ملين رپيا، ايف ڊي اي جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن لاءِ 3200 ملين رپيا، ايف ڊي اي جي انتظام هيٺ اسڪولن ۾ يو ايس ايف طرفان بنايل ڪميپوٽر ليبز لاءِ ڪمپيوٽر ٽيچرز کي برقرار رکڻ لاءِ 130 ملين رپيا، نيشنل انسٽيٽيوٽ آَ ايڪسي لينش ٽيچرز ايجوڪيشن لاءِ 300 ملين رپيا، اسلام آباد ۾ آئوٽ آف اسڪول چلڊرن جي داخلائن ۽ انهن کي برقرار رکڻ لاءِ 300 ملين رپيا، جڏهن ته ڪارڪردگي کي مضبوط بڻائڻ واري پروگرام لاءِ 275 ملين ر??يا مختص ڪيا ويا آهن. انگن اکرن مطابق نون منصوبن ۾ وفاقي نظامات تعليمات جي انتظام هيٺ پرائمري اسڪولن جي اي سي اي سينٽرز جي ڪلاس رومز لاءِ 300 ملين رپيا، نيوٽيڪ جي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 1000 ملين رپيا، وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 5000 ملين رپيا، پاڪستان ايجوڪيشن فنڊ لاءِ 4000 ملين رپيا، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پونڇ جي قيام جي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ 35 ملين رپيا، اسڪولن ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي پروگرام لاءِ 980 ملين رپيا، وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪري وٽ دانش اسڪول جي قيام لاءِ 1500 ملين ر??يا جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 دانش اسڪولن جي قيام لاءِ 1500 ملين ر??يا رکيا ويا آهن.