اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ملڪ م??ن پوليو جي خاتمي جي ??ختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ??اءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي ??اءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. ??زي??اعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس ??زي??اعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ??زي??اعظم عالمي اقتصادي فورم جي ??ن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي ??وقعي تي بل گيٽس س??ن پنهنجي ??لاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. ??زي??اعظم شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي س??ن پاڪستان حڪومت جي ??دمن جي ??اءِ گيٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي ??ڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي ??تيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي ??ابل ٿيندي. ??زي??اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. ??زي??اعظم گيٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي ??روگرام جي ??اءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي ??زي??اعظم پوليو وائرس جي ??ڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي ??اءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي ??ختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ م??ن پوليو جو خاتمو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ??اءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ??زي??اعظم چيو ته جيستائين ملڪ م??ن پوليو جي ??ڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ م??ن پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي ??اءِ ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي ??ختي عزم س??ن پوليو جي خاتمي جي ??هم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي ??ظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.