اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جي 16 يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. چين ۾ پاڪستان جي سفير ??ليل هاشمي، سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي حوالي سان بريفنگ ڏني. پلاننگ ڪميشن پاران جاري بيان موجب پاڪستاني سفير ??ليل هاشمي چي?? ته چيني ڪمپنين بزنس ڪانفرنس ۾ تمام گهڻي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، هي هڪ غيرمعمولي ايونٽ آهي، چين جي 700 ناليواري ڪاروباري شخصيتن فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪيو آهي. خليل هاشمي چي?? ته افتتاحي اجل??س کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم خطاب ڪندو، افتتاحي اجل??س کانپوءِ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون شيڊيول آهن. خليل هاشمي چي?? ته وزيراعظم جي افتتاحي اجل??س کان اڳ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ٿيندي. سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري چي?? ته افتتاحي اجلاس ۾ شمسي توانائي جي امڪانن، گوادر بندرگاهه ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول جي موضوعن تي بريفنگ ڏني ويندي، پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ 16 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون.