اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) نائب وز??راعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو وٺندي طبي تعليم کي عالم?? معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي، خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر، وز??راعظم صحت بابت ڪوآرڊينيٽر، صحت واري سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ چيئرمين هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، ناليواري سرڪاري ۽ نجي طبي ا??ار?? جي سربراهن ۽ ناليوارن ماهرن شرڪت ڪئي. طبي تعليم بابت ڪميٽي وز??راعظم 20 ميئ 2024ع تي جوڙي هئي. وز??راعظم شهباز شريف نائب وز??راعظم اسحاق ڊار کي ان جي ڪنوينر طور چونڊيو. ميمبرن ۾ طبي برادري، تعليم جي شعبي ۽ سرڪاري عمل??ار?? جون اهم ڌريون شامل آهن. ڪميٽي جو مقصد سڄي ملڪ ۾ طبي تعليم ۾ سڌارا آڻڻ آهي، اهو قدم ايندڙ نسلن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال ج?? معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ صحت جي سارسنڀال ڪندڙ پيشيوار ماڻهن جي طبي تربيت جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. نائب وز??راعظم ملڪ ۾ طبي تعليم جي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اهم ذميواري تي زور ڏنو. هن طبي شاگردن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي شعبي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وز??راعظم سمورن صوبن ۾ طبي تعليم جي عالم?? معيار کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ طبي تعليم جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي اعليٰ معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طبي ا??ار?? ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن مڪينزم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ ڪميٽي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو ورتو جڏهن ت?? طبي تعليم کي عالم?? معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪميٽي خصوصي طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل جي شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو. ڪميٽي طبي شاگردن کي انهن جي تعليمي ۽ پيشيواراڻي ڪوششن ۾ مدد ۽ بااختيار بڻائڻ جي حڪمت عملين ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پڻ پيش ڪندي. تفصيلي بحث کانپوءِ هڪ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ صحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد کي ڪنوينر ۽ طارق باجوه کي ڪو – ڪنوينر بڻايو ويو. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي موجوده ٽي او آرز سان گڏوگڏ ريگيوليٽري ا??ار?? جي وچ ۾ هم آهنگي، پاڪستان ۾ غيرملڪي شاگردن جي لاءِ طريقيڪار کي هموار ڪرڻ ۽ نصاب ۾ هڪ جهڙي سميت اضافي ڪمن ت?? غور ڪندي. ڪميٽي جي رپورٽ پاڪستان ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽس جي موجوده صحت جي سارسنڀال جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مهارت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. رپورٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ته ميڊيڪل گريجوئيٽس اسان جي شهرين کي اعليٰ سطح جي سارسنڀال فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل علم ۽ مهارت سان ليس آهن.