اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيس پاڪستان جي ??ن ڏينهن سرڪاري ??ور?? تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ٻين عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻارن روايتي انداز ۾ ايراني صدر کي گلدستو پيش ڪيو. پنهنجي ??ور?? دوران ايراني صدر ابراهيم رئيسي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پڻ ملاقات ڪندو. صدر ابراهيم رئيسي جي ??اڪستان جي ??ور?? دوران ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. اڄ وزيراعظم هائوس اچڻ تي ايراني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ڌرتيءَ جي ڏهاڙي جي ??ناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??فاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ اسلام آباد جي ??ڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو ن??لو ڏيڻ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندا ۽ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ايراني صدر لاهور ۽ ڪراچي پڻ ويندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو. ڌرين وٽ پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، رابطن، توانائي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??سيع ايجنڊا هوندي. اهي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ دهشتگردي جي گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ٻطرفي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان ڳنڍيل مضبوط لاڳاپا آهن. هي ??ور?? پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.