اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پارٽي جي و??د ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ قانون ۽ انصاف جي صورتحال ۽ بلوچستان جي نوجوانن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بلوچستان جي نوجوانن کي س??وريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بلوچ ??وجوانن کي روزگار ۽ علم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.