اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پنهنج?? پهرين غيرملڪي دوري تي برسلز ۾ آهي جتي هو ائٽمي توانائي ج?? پهرين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نيوڪليئر انرجي سم?? ائٽمي توانائي جو استعمال ڪندڙ ملڪن کي گڏ ڪري ٿو ?? ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي ??اءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير سربراهي اجلاس ۾ توانائي جي سلامتي جي اهميت ۽ وڌندڙ مطالبن ۽ موسمياتي خدشن جي ??وثر حل جي ضرورت تي زور ڏيندو. هو نيوڪليئر پاور پلانٽس هلائڻ جي حوالي ??ان پاڪستان جي ??سيع تجربي ۽ حفاظت، گند ڪچري جي انتظام ۽ عدم ڦهلاءُ جي حوالي ??ان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي وزير ائٽمي توانائي جي ترقي جي ??اءِ ٽيڪنالاجي تائين پهچ، فنانسنگ ۽ اسرندڙ ملڪن جي ??اءِ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي ??ني مدد ۾ اضافي سميت تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندو. ترجمان چيو ته برسلز ۾ پرڏيهي وزير سمٽ ۾ شريڪ ملڪن جي اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن ??ان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. هو پاڪستان واپسي تي لنڊن ۾ برطانيا جي عملدارن ??ان ملاقات ڪندو.