اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسٽيل ٽائون ۾ عالمن ۽ موذن کي اسٽيل انتظاميا جي فنڊز مان 4 مهينن جي رڪيل پگهار جي ادائيگي ٿي وئي آهي، فنڊز جي کوٽ جي ڪري اڳتي اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان وصولي ڪري پگهارن جي ادائيگي ڪئي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتصيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن ايوان کي ٻڌايو ته اسٽيل ٽائون مسجد ڪميٽي 37 عالم ۽ موذن مقرر ڪيا هئا جن جي پگهار پاڪستان اسٽيل جي ملازمن جي فنڊز مان کڻي ڏني ويندي ??ئي پر 2021ع کان اسٽيل ملز جي ملازمن کي فارغ ڪرڻ ج?? سلسلو شروع ٿيو ان جي ڪري ملازمن ??و انگ 8600 مان گهٽ ٿي 3 هزار رهجي ويو جنهن جي ڪري فنڊز به گهٽ ٿي ويا. هاڻي اسٽيل مل جي ملازمن کان جيڪي فنڊز گڏ ڪيا وڃن ٿا اهي هڪ لک 34 هزار رپيا آهن جن مان 37 عالمن ۽ موذن کي پگهار ڏيڻ ممڪن نه آهي، ان لاءِ 32 عالمن ۽ موذن جو ڪانٽريڪٽ نه وڌايو ويو. اسٽيل مل انتظاميا اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان 250 رپيا في گهر وٺڻ ج?? فيصلو ڪيو آهي جيئن ئي اهي فنڊز گڏ ٿيندا، 32 عالمن ۽ موذنن کي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گذريل چار مهينن کان ان??ن جي رڪيل پگهار اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي فنڊز مان ادا ڪري ڇڏي آهي.