راولپنڊي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ م??بوط بنائڻ لاءِ اسان ??اڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين. قومي ترقيءَ جو رستو پي او ايف واهه جهڙ?? مقامي صنعتن سان ڳنڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي پي او ايف جي پيداواري صلاحيت، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پي او ايف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽ??سٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل نَوان ??ٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ايف آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي آرمي چيف پي او ايف کي پاڪستان جي اهم دفاعي صنعت بنائي ملڪي سلامتي ۽ م??يشت ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ايف واهه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.