اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ??سجدن سا?? گڏجي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مسجدن جي تعليم جي فروغ جي حوالي سا?? ڪردار تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير، سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير ۽ آزاد ڪشمير جي تعليم واري وزير، تعليم وارن صوبائي سيڪريٽريز، اوقافت کاتي ۽ مذهبي معاملن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ??ر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي. هن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ ??سجدن سا?? گڏجي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته مسجدن کي خواندگي ۽ تعليمي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صدر کي ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ تعليم کان محروم 70 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا ڪئي وئي آهي. ايڪسلريٽڊ لرننگ پروگرام ماڊل 24 کان 30 مهينن ۾ 5 سا??ن جي پرائمري تعليم ڏي ٿو، پروگرام ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي باقاعده اسڪولن ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو، تعليم کان محروم وڏي عمر جا ٻار پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بريفنگ ۾ چيو ويو ته اي ايل پي ماڊل لچڪدار، موزُون ۽ گهٽ لاڳت جو ماڊل آ??ي، ان کي ڪميونٽي جي فراهم ڪيل جڳهه، مدرسن، مسجدن ۽ اسڪولن جي ٻي شفٽ ۾ اخت??ار ڪري سگهجي ٿو. مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ??ر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ مسجدن کي تعليمي سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ پاليسي پيپر ت??ار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اتفاق راءِ سا?? ت??ار ڪيل پاليسي پيپر وفاقي ڪابينا جي منظوري جي لاءِ ??يش ڪيو ويندو.