صوابي – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي، تعليمي ادارا منهنجي دل جي ويجه?? آهن، اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو وي?? آهي، علم جي ڪري حضرت آدم عه کي فرشتن تي فوقيت ملي، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ ٽيڪنالاجي جا ڪئمپس پوري پاڪستان ۾ هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ٽوپي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وز??راعظم چيو ته مون پهريون ڀيرو هن اداري جو دورو 90ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ڪيو هو. هن اداري کي بهترين ڏٺو. هن انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ جي خواب جن ماڻهن ڏٺو هو انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙي قسم جي ادارن جو قائم ٿيڻ پاڪستان جي مقصدن ۽ هدفن جو حص?? آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان جي تخليق ٿي. پاڪستان اهڙن ئي ادارن جي قائم ٿيڻ جي لاءِ وجود ۾ آيو هو ته جيئن اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي اهڙا موقعا فراهم ڪري سگهون جتي اهي نه رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ بهتري ڪري سگهن پر دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهن. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي طرز تي وڌيڪ ادارا هجڻ گهرجن. هن چيو ته حضرت آدم عه کي علم جي ڪري ئي فرشتن تي فوقيت ملي. اسلام ۾ علم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو وي?? آهي. غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ذريعي پاڪستان دنيا ۾ علم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي?? آهي. هن چيو ته هن اداري جا ڪئمپس سمورن صوبن ۾ هجڻ گهرجن. شروعاتي طور تي اسلام آباد ۾ ان جي ڪئمپس جي قيام جي تجويز غور هيٺ آه??. اسان ان جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ترقي ممڪن ٿي. هن چيو ته ڪائنات ڪا اهڙي شيءَ نه آه?? جيڪا هڪدم ختم ٿي وڃي، ان ۾ تخليق جو عمل جاري رهي ٿو. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي جي اهميت تمام وڌيڪ آه??. انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جو نوجوان نسل مستقبل جي قي??دت آهي.