اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلامي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿا?? غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪس??ان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگ??ان وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪس??ان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪس??ان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي ??قيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگ??ان وزيراعظم گڏيل عرب امارات کي ان اهم عالمي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪس??ان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. نگ??ان وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي ??ضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دو??ان نگ??ان وزيراعظم اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي قابض فوج جي هٿا?? غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشياڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.