راولپنڊي – 06 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ۽ هر مهيني 5 منٽن جي لاءِ پاڻ پنهنجو معائنو ڪن ته جيئن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي جي خبر لڳائڻ ۾ مدد ملي س??هي ۽ ان سان هزارين عورتن جي حياتي بچائي س??هجي ٿي. هو بهبود ايسوسيئيشن راولپنڊي جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چي?? ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب 44 هزار فوتگيون هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان بيماري جي جلد سُڃاڻپ بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خطرن کان بچڻ بابت عام ماڻهن کي حساس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه علوي ٻڌاي?? ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيندڙن جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته هن پاڪستان ۾ ڪينسر جي سُڃاڻپ جي لاءِ ميموگرافي جي ناڪافي سهولتن جي ڪري فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي. هن چي?? ته هر عمر جي عورت جنهن ۾ 14 کان 15 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سُڃاڻپ ٿي رهي آهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏن?? ته اهي پاڻ معائنو ڪرڻ جو طريقو سکن ۽ پنهنجي ڀر??اس?? ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 کان وڌيڪ عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن بهبود مدد ۽ چائيلڊ اسپتال جي لاءِ پنهنجي خاندان پاران 500000 رپيا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن معذور ماڻهن جي شموليت، ذهني صحت ۽ عورتن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن معذور ماڻهن کي تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. پاڪستان آرمي ۾ ملڪ جي پهرين ٿري اسٽار عورت جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر چي?? ته دنيا ۾ 8 مان هڪ عورت ڇاتي جي ڪينسر سبب موت جي منهن ۾ هلي وڃي ٿي جيڪا هڪ خوفناڪ صورتحال آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي صحت جون خدمتون صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي عالمي صحت جي هدف موجب ڌيان ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ٿيندڙ فوتگين کي 25 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ تي آهي.