اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ??وريا اڄ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ??وريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ جمهوريه ??وريا جي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت سان گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مخت??ف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ??وريا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن پاڪستان ۽ ڪوريا جي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن، ترقي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ ت??اون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصا??ي، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ ت??اون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.