اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا تنظيمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجود هُئا. نگران وزيرا??ظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخباري صنعت جي مسئلن سميت ٻ??ن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيرا??ظم ??دا??ت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران وزيرا??ظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا تنظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.