بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين پيٽروليم جي شعبي ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. صحيحن و??ري تقريب ۾ نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ موجود هئا. چين جي يونائيٽيڊ انرجي گروپ ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ??يون آهن. سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ ر??فائنري سان حاصل ٿيندڙ پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو متبادل هوندو پر ريفائنري جي پيٽرول جي ڪل پيد??وا??ي صلاح??ت اڍائي لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 16 لک ميٽرڪ ٽن ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي پيد??وا?? 6 لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 20 لک ميٽرڪ ٽن ٿي ويندي.