اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معيشت کي درپيش پراڻن چئلينجز جي ??ل جي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل ضروري آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ جي ??رورت آهي، ايم ڊي آءِ ايم ايف سان ملاقات حوصلي جوڳي رهي آهي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي بيدخل نه پيو ڪيو وڃي، سول ادارن جي ??لاحيت ۾ اضافو ڪري بهتر اسلوب حڪمراني کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. پي ٽي وي جي ??ينڪرز ۽ وي لاگرز کي پينل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نيويارڪ مان واپسي تي جهاز جي ??ي فيولنگ جي لاءِ فرانس ۾ رڪجڻو پيو، سوشل ميڊيا تي بي بنياد خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، تعميري تنقيد جي ??جيان ڪريون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا جي هن دور ۾ الزام جو عنصر نمايان ٿي رهيو آهي جنهن کان اسان جي مذهب صديون اڳ روڪيو هو ان جو هاڻي اسان شڪا?? ٿي رهيا آهيون اها وڏي بيماري آهي جتي متاثر شخص کي وضاحت جو موقعو به نه ٿو ملي، اظهار راءِ جي ??زادي جي نالي تي غلط خبرون ڦهلائڻ افسوسناڪ آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته وچ اوڀر جي ??والي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي ان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، اسان اسرائيل کي غاصب رياست ۽ فلسطين کي مظلوم سمجهون ٿا، اها ظالم ۽ مظلوم جي ??نگ آهي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان عالمي سطح تي ٻن رياستن جي ??صور جو حل تجويز ڪيو ويو آهي جڏهن ته ??دقسمتي سان اسرائيل ڄاڻايل حل کان انڪاري آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر ۾ ڏکائيون وڌي رهيون آهن ۽ اسلامي دنيا ۾ فلسطين ۽ ڪشمير جي ڪري بنياد پرستي جو عنصر نمايان ٿيندو پيو وڃي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم طور ذميواريون ادا ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪندو رهندو، ان جي لاءِ ضروري نه آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي جو عهديدار يا ڪنهن پارليامينٽ جو ميمبر هجان. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ??طور نگران وزيراعظم سندس پهريون اجلاس توانائي جي ??والي سان ٿيو، ان وقت جون ۽ جولاءِ جا 14 رپيا في يونٽ اضافي وجهڻا پيا، ان تي اسان جي مٿان تنقيد به ٿي پر اهو عالمي مالياتي فنڊ سان معاهدي جو حصو هو، اسان ان سان ڳالهه به ڪئي، مون سان منسوب اهڙيون ڳالهيون به ڪيون ويون جيڪي مون نه چيون، ان حوالي سان ميڊيا کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جڏهن انرجي ??ي شعبي کي ويجهي کان ڏٺو ته ??ن جي مسئلن کان آگاهي ٿي، تمام گهڻي مهانگي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، بجلي چوري درپيش آهي، لائين لاسز سميت ٻين مسئلن کان آگاهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي مختصر دور ۾ چاهيون ٿا ته ??سان هڪ اهڙو ماڊل ڏئي وڃون جو ايندڙ حڪومتون ان کي کڻي اڳتي وڌن، اسان 18 ارب رپين جي ??جلي جون اوڳاڙيون ڪيون، مهانگائي جو بنيادي سبب بري ۽ ڪمزور حڪمراني هوندي آهي جنهن جو اثر ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقي تي پوي ٿو جڏهن ته ??شرافيه جو هڪ طبقو اهڙو به آهي ته ??يڪڏهن بجلي جي قيمت ٻيڻي به ڪري ڇڏيون ته ??ن تي ڪو اثر نه ٿو پوي، صوبن ڏانهن رهتن ۽ سرڪاري ادارن ڏانهن رهتن جي وصولي ٿيڻ گهرجي، ماضي ۾ انتظامي معاملن تي ڌيان نه ڏيڻ سان مهانگائي، گردشي قرض ۽ اسمگلنگ جهڙا مسئلا پيدا ٿيا. چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو هوندو، ان جا لوازمات ۽ ضرورتون پوريون ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ڪم ڀرپور انداز ۾ ڪري رهي آهي، چونڊن جي ??اريخ جو مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اسان آئيني طور تي ان جي معاونت جا پابند آهيون. هن چيو ته معيشت کي درپيش چئلينجز پراڻا آهن، اسان انهن جي ??ل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آئون پنهنجو ووٽ ان پارٽي کي ڏيندس جنهن وٽ معاشي بحالي جو منصوبو هوندو، پاڪستان جو بنيادي چئلينج معيشت جو آهي ان جي لاءِ ميثاق معيشت ۽ جمهوري تسلسل گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جا ٻه صوبا دهشتگردي جو تمام گهڻو شڪار آهن، رياست جي ??ميواري آهي ته ??ها ان جو خاتمو ڪري، دهشتگردي جي ??اتمي ۾ پاڪستان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن ان جي وڏي قيمت به ادا ڪئي، نان اسٽيٽ ايڪٽرز جي ڪنٽرول ۾ ملڪ جو ڪو علائقو نه آهي، ان حوالي سان ان جي منصوبابندي ناڪام بڻائي وئي، افغانستان ۾ نيٽو ۽ اتحادي فوج جي موجودگي جي ??اوجود ڪيترائي علائقا هٿياربند جٿن جي ڪنٽرول ۾ هئا، اسان پرعزم آهيون ته ??سان جون فورسز پنهنجي ??زم سان دهشتگردي جو خاتمو ڪنديون، آخري دهشتگرد جي ??اتمي تائين دهشتگردي جي ??لاف جنگ جاري رهندي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ??دارن کي فتح ڪرڻ جي ??ڏهن به ڪوشش ڪئي وئي ته ??ن ۾ ڪاميابي نه ٿي ڇو ته ويزن ۽ سالميت جي کوٽ آهي، اسان کي سول ادارن کي مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڙيسري ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جا دفاعي خرچ پوري خطي ۾ گهٽ آهن، افغان نيشنل آرمي جي لاءِ آمريڪا 100 ارب ڊالر خرچ ڪيا. هن چيو ته نگران حڪومت آئي پي پيز کي درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ تجويزون جوڙي رهي آهي، چونڊيل حڪومتن کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي ها، اسان پنهنجون ترجيحون ٺاهيون آهن، ڊگهي مدي واريون تجويزون به ڏئي رهيا آهيون، قانوني مسودا به ٺاهي وينداسين، ٻاهريان قرض پروڊڪٽيو رخ ۾ لڳائڻ گهرجن، آمريڪا اسان کان وڌيڪ قرض وٺي ٿو پر هو ان کي پيداواري رخ ۾ لڳائي ٿو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ??سان پنهنجي ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ ۽ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي وڌائڻ طرف وڃي رهيا آهيون، زراعت، وڪيلن، ڊاڪٽرن، نجي ??سپتال ۽ ريٽيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ چاهيون ٿا، ان سان اسان جي معاشي صورتحال پاڻ ئي بهت?? ٿيڻ شروع ٿي ويندي، آبادي جو رڳو 10 سيڪڙو ٽيڪس ڏئي رهيو آهي. افغان پناهگيرن جي ??نهن جي وطن واپسي جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته ??سان رجسٽرڊ پناهگيرن کي بيدخل نه ڪري رهيا آهيون پر اهڙن ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهيون جن وٽ پاڪستان ۾ رهڻ جا ڪي قانوني دستاويز نه آهن. هن چيو ته نواز شريف جي ??والي سان قانون موجب فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته مينوفيڪچرنگ ۽ گهريلو استعمال جي ??ين جي ??يل سيز تي ڪا پابندي نه آهي.