اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??ارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير جي سنڌ و??پس وٺڻ جي حوالي سان ??نل ريمارڪس تي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جاري بيان ۾ چيو ته اسان لکنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ اتر پرديش جي وڏي وزير، ڀارتي حڪمران پارٽي ج?? اهم ميمبر ۽ متعصب ” هندوتوا“ نظريي ج?? پيروڪار جي انتهائي غيرذميواراڻي ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ترجمان ??يو ته اها ڳالهه به ايتري ئي مذمت جوڳي آهي ته ”رام جنم ڀومي“ جي نام نهاد بحالي کي وڏي وزير ان خطي کي ٻيهر حا??ل ڪرڻ جي سانچي ج?? طور تي پيش ڪيو آهي ج??ڪو پاڪستان جو حصو آهي. ترجمان ??يو ته تاريخ گواهه آهي ته هندو جنونين جي هجوم 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ نڪ جي ڏاڍائي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هن رام جي ڄم پيدائش کي و??پس وٺڻ جي لاءِ ائين ڪيو. ترجمان ??يو ته اتر پرديش جي وڏي وزير جا اشتعال انگيز ريمارڪس واضح طور تي ”اکنڊ ڀارت“ ( بنا ورڇ هندستان) جي اجائي دعويٰ کان متاثر آهن. هن چيو ته اهي ريمارڪس هڪ نظرثاني ۽ توسيع پسنداڻي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو نه رڳو ڀارت جي پاڙيسري ملڪن پر ان جي پنهنجي مذهبي اقليتن جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي پڻ مٽائڻ چاهي ٿو ۽ ا??و ته ??و تاريخ جو هڪ الٽو نظريو به ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي ج??ڳي آهي ته بي ج?? پي ۽ آر ايس ايس سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي تفرقه انگيز ۽ متعصباڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي خيالن کي تيزي سان فروغ ڏئي رهيا آهن. ترجمان ??يو ته ڀارتي اڳواڻ کي ڏاڍ پسنداڻي ۽ توسيع پسنداڻي ارادن کي هٿي وٺرائڻ چڙهائڻ بدران پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان ??ڏجي هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.