اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ??يم??رشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ح??الي سان جامع بريفنگ ڏني. هن برڪس جي تاريخ ۽ ??قص??ن تي روشني وڌي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ??يم??رشپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برڪس جي توسيع ??يم??رن جي اتفاق را??ِ تي آهي. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي پنهنجي هدفن جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪانن کي فعال طور تي ڳولي رهي?? آهي. پرڏيهي وزارت برڪس ۾ پاڪستان جي داخلي کي هموار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو عمل شروع ڪي?? آهي. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستان جي شموليت جي ح??الي سان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اهڙي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو به ??يم??ر گروپ جي اندر پنهنجي ح??ثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪنهن بلاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن جو ??قص?? سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا رکڻ آهي. آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن باتب سوالن جا جواب ڏيندي نگران پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي صورتحال جهڙن تڪرارن جي عالمي اثرن تي روشني وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل را??طي جي ڏس ۾ سمورين قومن سان مثبت لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمين جي پڇڻ تي نگران پرڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ??يم??رشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ڏيندي ۽ ??يم??ر ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آسان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي ح??لي ۽ ان جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت سان فعال طور تي مصروف عمل آهي، اسان جو سفير ان معاملي کي ح?? ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان ملاقات ڪري رهي?? آهي. هن افغان هم منصبن سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقررين جي مدي سان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقررين جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا آهي جنهن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي ح??الي سان هن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.