ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ٻنهي ملڪن جي وچ ?? تعاون جي فروغ لاءِ قدم جاري رکڻ تي ا??فاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ هن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ ٻين گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي نائب صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ بدلائينداسين. هن چيو ته پاڪ??تا?? ترڪيه سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، غذائي تحفظ، سياحت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو فروغ جو خواهشمند آهي.