اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري خاص طور تي شاگردن ۾ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ تشدد جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪندي انهن جي مثبت سوچ طرف رهنمائي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل وائيس چانسلرز امن ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، نيڪٽا ۽ غيرسرڪاري تنظيم شعور فائونڊيشن گڏيل حصيداري سان ڪيو هو. ڪانفرنس ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد ۽ ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ت??لي??ي ماهرن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي انتظاميا ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ تربيتي سيشنز جو باقاعده اهتمام ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن ۾ شدت پسندي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙا قدم شاگردن جي اصلاح کي يقيني بڻائيندا ته جيئن اهي ملڪ جي بهتر مستقبل، پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر تحقيق تي ٻڌل سکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ت??لي?? جي ميدان ?? شاگردن ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي کي نظر ۾ رکندي موجوده حال??ن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي هجڻ سان گڏوگڏ موجوده دنيا جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چيو ته معاشري ۾ سٺن قدرن ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن سڄي دنيا ۾ ”فيڪ نيوز“ جي رجحان جي پڻ نشاندهي ڪئي جنهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ا??لي?? ت??لي?? يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي موجوده ۽ مستقبل جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ايندڙ نسلن جي ت??لي?? ۽ تربيت ۾ عورتن جو ڪردار اهم آهي. هن معاشري کي باشعور بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيئن اهو ت??لي?? يافته عورتن کي انهن جي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪري. صدر شاگردن ۽ معاشري ۾ اخلاقيات، همدرديءَ، درگذر ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ت??لي?? جي ميدان ?? ترقي ڪري پاڪستان وڏي ??يز?? سان ترقي يافته ملڪ بڻجندو، معاشرو ت??لي?? يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جو ت??لي?? ۽ هايئر ايجوڪيشن ۾ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، اسان کي اخلاقيات جي اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي جن تي ڌيان ڏئي انهن کي ا??لي?? ت??لي?? يافته ۽ هنرمند بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ?? اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي موجوده دور جي گهرجن موجب ا??لي?? ت??لي?? يافته آءِ ٽي گريجوئيٽس کي تيار ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي اها خواهش هجڻ گهرجي ته هو ان ڳالهه جو اهتمام ڪري ته ت??لي?? يافته عورتن کي انهن جي اهليت موجب ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته قائداعظم چيو هو ته عورت کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي پنهنجي ثقافت ۽ مذهب تان هٽڻ کانسواءِ عورت کي معاشري ۾ ان جو مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ??يز?? سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي لاءِ ضروري آهي ته اها ??يز?? سان ترقي ڪري، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ضرورت کي پڻ نظر ۾ رکڻو پوندو.