اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي?? بي آر کي شهري جي ٽن امپورٽيڊ گاڏين جي غلط ??يل??مي تي رقم جي ادائيگي ۽ معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف شڪايت ڪندڙ جي داخل درخواست قبول ڪري ورتي. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪسٽمز عملدارن شهري کي بنا نوٽيس جاري ڪرڻ جي ٽي گاڏيون اٽڪل 30 لک رپين جي گهٽ قيمت تي ??يل??م ڪيون، اي?? بي آر شهري کان معافي وٺي ۽ ??يل??م ٿيل ٽن گاڏين جي قيمت ادا ڪري. هن چيو ته شهري پاران ادا ڪيل ڪسٽم ڊيوٽي پڻ غيرمجاز ڪليئرنگ ايجنٽن کي واپس ڪئي وئي جيڪي بعد ۾ رقم کڻي گم ٿي ويا، اي?? بي آر سمورين رسيدن/ دستاويزن جي تصديق ڪ??ي، گاڏين جي قيمت موجب رقم واپس ڪري ۽ درآمد ڪندڙن/ مالڪن کي ادا ڪيل ڊيوٽي/ چارجز واپس ڪري. صدر چيو ته شهري سمورا دستاويز فراهم ڪري ته جيئن اي?? بي آر 30 ڏينهن جي اندر ادائيگي ڪري سگهي، رقم جي ادائگي ۾ منافعو به شامل ڪيو وڃي ڇو ته ??يل??مي جي رقم سرڪاري خزاني ۾ پيل رهي. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن خلاف افتخار احمد اعواڻ (شڪايت ڪندڙ) جي داخل درخواست قبول ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب جاپان ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي خاندان جي ذاتي استعمال جي لاءِ قانوني طور تي ٽي گاڏيون درآمد ڪيون، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي باوجود اي?? بي آر گاڏيون نه ڇڏيون ۽ ڪسٽم عملدارن ٽن گاڏين کي ??يل??مي ۾ 3019385 رپين جي قيمت تي وڪرو ڪيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن اي?? بي آر کي ??يل??مي جي رقم ادا ڪرڻ ۽ گهٽ رقم جي ادائيگي جي سببن جو تعين ڪرڻ جو چيو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ کي گاڏين جي ??يل??مي جي رقم جي ادائيگي مروجه مارڪيٽ ريٽ تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سموريون رسمي ڪارروايون مڪمل ڪرڻ ک??نپ??ءِ گاڏين کي غلط ٽرمينل تي لاٿو ويو، ڪسٽمز درآمد ڪندڙن کي بنا ڪنهن اطلاع جي گاڏيون ??يل??م ڪري ڇڏيون، غيرمجاز ڪليئنرگ ايجنٽس کي ڪسٽمز ڊيوٽي واپس ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ درآمد ڪندڙن/ مالڪن کي وڏو مالي نقصان ٿيو. ٻڌڻي دوران اي?? بي آر جي نمائندي مواصلات ۽ نظام ۾ رڪاوٽن جي ڪري معاملي ۾ ڪسٽمز اهلڪارن جي غلطي جو اعتراف ڪيو. اي?? بي آر جي نمائندي ٻڌايو ته رقم وٺي گم ٿي ويندڙ ايجنٽس جا لائيسنس پڻ رد ڪيا ويا آهن. صدر چيو ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ پاران درآمد ٿيل گاڏين جي غلط هينڊلنگ کان انڪار ناهي ڪيو ويو ۽ بدانتظامي ثابت ٿي وئي، عملدارن جي ڌيان نه ڏيڻ سان درآمد ڪندڙن/ مالڪن کي وڏي مالي نقصان ۽ ذهنيت کي منهن ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مالي نقصان لاپرواهي، رابطي جي کوٽ ۽ ڪسٽمز جي قائم ڪيل ڪليئرنگ سسٽم کان انحراف جي ڪري ٿيو. صدر چيو ته شهري کي پنهنجي غلطي جي ڪري نه پر ڪسٽمز عملدارن جي غلطي سان نقصان ٿيو. صدر شهري جي اپيل منظور ڪندي چيو ته اي?? بي آر گاڏين جي قيمت موجب رقم ادا ڪري.