اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران گهري م??هبي، ثقافتي ۽ ل??اني رشتن ۾ ڳنڍيل ڀائر ملڪ آهن. وزيراعظم اها ڳالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهري م??هبي، ثقافتي ۽ ل??اني رشتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته ڪالهه خميس ڏينهن ايراني صدر سان گڏ رديگ ۾ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات به ٿي.