اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته قائد محمد نواز شريف جي مريم نواز سان گڏ سعودي عرب جي وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته قائدين سعودي پاڪ ڀائراڻن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قائد نواز شريف سعودي قيادت جي لاءِ نيڪ خواه??ن جو اظهار ڪيو.