اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي 18 آگسٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022ع جي عرصي کي ”معاشي بدح??لي جو دور“ ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال کي ڪاميابين جو سال قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ جي ذريعي اڳوڻي حڪومت جي ساڍا 3 سال ۽ موجوده حڪومت جي هڪ سال جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي 18 آگسٽ 2018ع کان 9 اپريل 2022ع جي عرصي ۾ کنڊ اسڪينڊل، اٽو 35 رپين مان 100 رپيا، مهانگي قيمت تي ايل اين جي خريداري، انرجي ٽرمينل جي بندش، بجلي جي منصوبن تي ترقياتي ڪم بند، سي پيڪ پراجيڪٽ بند، 6.10 جي ڊي پي کان منفي اعشاريه، 2 ڪروڙ ماڻهن ??ي غربت جي هيٺئين لڪير تي ڌڪڻ ۽ 60 لک ماڻهن ??ي بيروزگار ڪيو ويو اهو دور بدح??لي جو دور هو. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت جي 10 اپريل 2022ع کان شروع ٿيندڙ سفر کي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي. ان دوران اورنج ٽرين، يوٽيلٽي اسٽور پئڪيج، روات فلائي اوور، پاور پراجيڪٽس، عوام دوست بجيٽ، پي ايم فلڊ ريليف پروگرام، بي آءِ ا??س پي جي بحالي، فاٽا ۾ ڪاميابي، آبادگار پئڪيج، وياج کان پاڪ نظام، سي پيڪ جي بحالي، عالمي برادري کان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 9 ارب ڊالر جي امداد، ڀائر ملڪ ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ ا??داد جي فراهمي، وزيراعظم مفت اٽو، بي آءِ ا??س پي بجيٽ ۾ 40 ارب جو اضافو، ليپ ٽاپ اسڪيم جي نئين سر شروعات، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام، پرائيم منسٽر ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ جي شروعات، آبپاره فلائي اوور جي تعمير، توانائي جي 3 منصوبن سان 1800 ميگاواٽ اضافي پيداوار، تار ڪول ٿرڪول پاور پلانٽ منصوبو، پرائيم منسٽر بااختيار انٽرن شپ پروگرام، ٽيلي اسڪول ڊيجيٽل تعليم پروگرام، نيشنل ايڪشن پلان جي بح??لي ۽ عدالتي سڌارا ڪيا آهن.