اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صد?? ان ڳالهه تي اف??وس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ ?? عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ انساني سرمائي جي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع ت??ئي?? هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪندو. پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو موجب جيڪڏهن پاڪستان انساني سرمائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع ت??ئي?? ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي طور تي رڳو 18 سيڪڙو ت??ئي?? وڌندي.