اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڊنمارڪ ۾ قران پاڪ جي بي حرمتي جي هڪ مڪروه فعل جي شديد مذمت ڪندي ??يو آهي، ته اهڙي ڄاڻي واڻي گهٽيا ??رڪ?? مسلمانن ۽ انهن جي عقيدي خلاف وڌندڙ نفرت، نسل پرستي ۽ فوبيا جو هڪ پريشان ڪندڙ مظهر آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اهڙي ريت جي سوچيل سمجهيل ڪارروائين جو بار بار ٿيل قانوني فريم ورڪ جي افاديت تي سواليه نشان آهي جنهن جي پٺيان اسلامو فوبيا ۾ ملوث ماڻهو لڪيل منافقت کي هوا ڏين ٿا، بيان ۾ ??يو ويو آهي، ته اظهار جي آزادي جي حق کي ڪنهن به ??ذه?? جي مقدس ڪتابن يا شخصيتن جي ڄاڻي واڻي توهين ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ترجمان ??يو ته اسان سمورن رياستن کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حقن جي عالمي قانون ۾ داخل ذميوارين ۽ فرضن مطابق اهڙين ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قانوني رڪاوٽون پيدا ڪري. بيان ۾ ??يو ويو ته اسان انساني حقن جي عالمي مشينري کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو اهڙن قدمن خلاف آواز اٿارين جيڪي صرف عقيدي جي بنياد تي مسلمانن خلاف نفرت، اڻبرابري واري سلوڪ ۽ تشدد کي هوا ڏين ٿا.